سعيد غني اليڪشن واري ڏينهن رتو ڇاڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جو ماضي ڏاڍو ڀوائتو آهي، خدشو آهي اليڪشن واري ڏينهن وڌيڪ خراب نه ٿي وڃن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ناظم آباد فائرنگ واري واقعي ۾ هنن جا ٽي ڪارڪن زخمي ٿيا ۽ گاڏيون سڙيون، واقعي کانپوءِ به عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪڏهن ان وقت جاچ ٿئي ها ته اهڙو واقعو پيش نه اچي ها.
هن چيو ته ان سموري معاملي ۾ به پوليس جو ڪردار شڪي آهي، ايم ڪيو ايم جو ڪيس داخل ٿيندو آهي پر سندن ڪيس داخل ناهي ٿيندو، ان کان اڳ به ننڍا ننڍا واقعا ٿيا پر ڪارروائي نه ڪئي وئي، خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ننڍن واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته ڪو وڏو واقعو ٿي سگهي ٿو.
پ پ اڳواڻ چيو ته هو ڪراچي مان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون وڏي انگ ۾ سيٽون کٽي سگهن ٿا، ڪراچي جو ماضي ڏاڍو ڀوائتو آهي، خدشو آهي ته اٺ فيبروري تي حالتون وڌيڪ نه بگڙي وڃن.
هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪرونگي ۾ پيش آيل فائرنگ واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اليڪشن ڪميشن معاملي جي جاچ ڪرائي، شهر جو امن امان خراب ڪرڻ جو حق نه مون کي آهي نه ڪنهن ٻئي کي هئڻ گهرجي، شهر ۾ امن امان جي بحالي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.
سعيد غني پنهنجي اميدوارن ۽ سپورٽرن هدايت ڪندي چيو ته جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪيو وڃي، برداشت ڪيو، هو پرامن چونڊون چاهن ٿا، انڪري سمورا اميدوار پرامن مهم هلائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.