پي ٽي آءِ باني خلاف پارٽي اندر سازش ٿي، بلاول ڀٽو جو انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ ۾ ڪرپشن اسلام آباد ۽ ٻين صوبن کان وڌيڪ هئڻ وارين ڳالهين کي ميڊيا جا الزام قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪارڪردگيءَ بابت حقيقتون ن ليگ سان ويجهڙائي رکندڙ عائشا غوث پاشا جي ڪتاب ۾ واضح آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي بانيءَ خلاف سازش پارٽيءَ اندران ٿي، کيس پنهنجن ئي مارايو.
هن چيو ته حڪومت ملي ته هو سترهن وزارتون ختم ڪري صوبن حوالي ڪندا، ارڙهين ترميم سان وفاق ڪمزور ناهي ٿيو، وفاق جي ڪمزوريءَ جو اصل ڪارڻ طاقتور اشرافيا جا خرچ آهن.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پروپيگنڊا خلاف پ پ جو دفاع ڪن، اقتدار ۾ اچي هو سڄي ملڪ جي عوام لاءِ منصوبا ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي عوام پهريون ڀيرو اعتماد ڪيو آهي، هو سندن اعتماد تي پورو لهندا.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ ڪاپي ڪلچر به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.