عدت ڪيس مون کي ذليل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو: عمران خان

راولپندي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته عدت ڪيس ذليل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ ان ۾ کيس ذليل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي، اڄ چوان ٿو نه ڊيل ڪئي نه ڪندس مري ويندس پر ڪڏهن به ڊيل نه ڪندس.
غيرشرعي نڪاح ڪيس ۾ سزا ملڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ جيڪا سزا ڏني وئي اڄ تائين ڪنهن کي ناهي ڏني وئي جڏهن ته عدت ڪيس مون کي ذليل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو ۽ ان ۾ پوري ڪوشش ڪئي وئي ته مون کي ذليل ڪيو وڃي.
عمران خان چيو ته سندس مٿان ٻه سئو ڪيس ٺاهيا ويا اڄ تائين ڪنهن جي خلاف ايترا ڪيس ناهي ٺاهيا ويا، اڄ به چوان نه ڊيل ڪئي ۽ نه ڪندس، مري ويندس پر ڪڏهن به ڊيل نه ڪندس.
پي ٽي آءِ باني چيو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪيو، جي آءِ ٽي ٺهي پر سڀ ڪيس ختم ڪيا ويا، شهباز شريف خلاف ايف آءِ اي جو مضبوط ڪيس هو ختم ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ تي چار سئو ڊرون حملا ٿيا جنهن تي ڪنهن نه ٻڙڪ به نه ٻاڦي، هاڻي ٻاهران غلام آيو آهي اِهو نوڪري ڪندو انهن جي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.