چونڊ واري ڏينهن موبائل فون سروس بند هوندي يا نه؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو آهي ته چونڊ واري ڏينهن موبائل فون سروس معطل ڪرڻ جي حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چونڊن لاءِ تيار آهي، پولنگ اسٽيشنز تي پوليس ۽ رينجرز مقرر هوندي، جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنز ۾ فوج مقرر هوندي.
هن چيو ته چونڊن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي 62 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ارب 63 ڪروڙ سي سي ٽي وي ڪئميرائن لاءِ الڳ رکيا آهن.
سندس چوڻ هو ته عدالتون ۽ اليڪشن ڪميشن فيصلا ڪري رهي آهي، اسان نه ڪنهن کي اندر ڪري رهيا آهيون ۽ نه ٻاهر، ڪيترن ئي مهينن کان امن امان جي بهتري لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي پر چونڊ واري ڏينهن موبائل فون سروس بند ڪرڻ جي حوالي سان اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.