عمران خان، بشريٰ بي بي وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪيو، توشا خانا ڪيس جو تفصيلي فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشانا ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
جج محمد بشير طرفان 44 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو.
عدالتي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي پرڏيهي سربراهن طرفان 108 تحفا مليا، سعودي ولي عهد کان اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واريءَ گراف جيولري سيٽ تحفي طور وصول ڪيو، گراف جيولري سيٽ توشا خانا ۾ رپورٽ ته ٿيو پر جمع نه ڪرايو ويو.
فيصلي موجب، تحفي جي قيمت جو تعين ڪندڙ پرائيوٽ ماهر تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي اثر رسوخ استعمال ڪيو، گراف جيولري سيٽ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 90 لک رپين ۾ حاصل ڪيو، جيولري سيٽ جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هئي، تحفي جو تعين ڪندڙ صهيب عباسي موجب پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي تحفي جي قيمت گهٽ لڳائي.
شاهد بن يامين موجب گراف جيولري سيٽ جوابدارن توشا خانا ۾ جمع نه ڪرايو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تحفن جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪندي 1573ڏهائي 72 ملين جو مالي فائدو حاصل ڪيو.
احتساب عدالت جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته جاچ دوران بشريٰ بي بي ۽ عمران خان کي نيب پنج نوٽيسز جاري ڪيا، گراف جيولري سيٽ جي قيمت جي تعين لاءِ بار بار نوٽيس جاري ڪيا جن کي نظرانداز ڪيو ويو، جوابدار ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته عدالت ۾ اهڙو عمل جوابدار جي خلاف ويندو آهي.
جج فيصلي ۾ لکيو ته توشا خانا ڪيس جي ٽرائل دوران عمران خان جو رويو انتهائي غير مناسب هو، وڪيل بار بار تبديل ٿيا ۽ آڏي پڇا لاءِ به راضي نه ٿيو، پي ٽي آءِ باني کي عدالت سوال نامو ڏنو پر هن جواب جمع نه ڪرايا نه ئي هو عدالت آيو، صفائي وارن وڪيلن کي جوابدارن جي ٻڌڻي جي تاريخ جي ڄاڻ هئي پر عدالت نه پهتا، جوابدارن کي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ گهڻو وقت ڏنو ويو هو.
فيصلي موجب، بشريٰ بي بي بيان رڪارڊ ڪرايو پر اڳوڻو وزيراعظم عمران خان دير جا حربا استعمال ڪيا، پراسيڪيوشن طرفان ڏوهارين خلاف جوڳا ثبوت پيش ڪيا ويا.
عدالت پاران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانه ڪيس ۾ 14-14 سال سخت پورهئي سان قيد جو حڪم ٻڌايو ويو، جڏهن ته جيل ۾ گذريل وقت سزا ۾ شامل تصور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.