بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به پرتشدد واقعا، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 زخمي

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ڪوئيٽا جي علائقي نيو سبزل روڊ ۽ سرياب ۾ 2 ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ هڪ پيرسن  مارجي ويو. نيو سبزل روڊ تي ٿيل ڌماڪي جي حوالي سان ايس ايس پي آپريشنز طارق جواد جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 8 کان 10 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. هن چيو ته ڌماڪي واري علائقي ۾ ڪو به اليڪشن جو پروگرام نه هو، چونڊ مهم جي حوالي سان سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. ٻيو ڌماڪو سرياب جي علائقي ڪالي غلام جان ۾ ڪچري جي ڍير ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ان کان علاوه بلوچستان جي شهر تربت ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب تربت ۾ دستي بم جو ڌماڪو شهر جي مين روڊ تي بازار ويجهو ٿيو، جتي اڻڄاتل ماڻهو دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا. ڌماڪي ۾ هڪ مسافر زخمي ٿي پيو، پوليس ۽ امدادي ٽيمن موقعي تي پهچي زخمي کي تربت ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو. جعفر آباد جي علائقي ڊيرا الله يار ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب دستي بم ڌماڪو ڊيرا الله يار ۾ ڀٽي ڦاٽڪ وٽ ٿيو. دستي بم ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. مستونگ سينٽرل جيل اندر دستي بم حملي ۾ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ زخمي ٿيل سپاهي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ اليڪشن ڪميشن بلوچستان ۾ ڌماڪي جي واقعن جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.