پ پ اڳواڻ عقيله سنبل جو جي يو آءِ ف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان

مردان (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي اڳوڻي صدر عقيله سنبل جي يو آءِ ف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. عقيله سنبل مردان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ ف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن  آف پاڪستان ايندڙ هفتي 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي اڳوڻي اڳواڻ عقيله سنبل چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ جي يو آءِ ف ۾ شامل ٿي آهي.

تعليم کاتي طرفان تعليمي سال آگسٽ مهيني کان شروع ڪرڻ جو فيصلو

  ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي تعليم کاتي تعليمي سال آگسٽ مهيني کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسٽيرنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي سان مشاورت ڪرڻ بعد اسڪولن کي آگسٽ ۾ شروع ڪيو ويندو. ايندڙ تعليمي سال 2024.25 پهرين اپريل جي بجاءِ پهرين آگسٽ 2024 کان شروع ڪيو ويندو. اسٽيرنگ ڪميٽي جي فيصلي بعد تعليم کاتي اسڪول ايجوڪيشن کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪ- آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا: تفصيلي فيصلو

راولپنڊي ( م ڊ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي ابو الحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جو 77 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.  جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ عدالت لکيو آهي ته ٻنهي ڏوهارين پاڻمرادو مسئلا پيدا ڪيا، همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ بي يارو مددگار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، فيئر ٽرائل جو حق چالاڪ جوابدار لاءِ ناهي. عدالت چيو ته سائفر کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو ويو جنهن جو اثر پيو، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير طور پنهنجي عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ڪري پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي نقصان پهتو. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهايو، اعظم خان جو بيان سچائي تي ٻڌل هو جنهن پراسيڪيوشن جي دليلن کي مضبوط بڻايو، سائفر ذريعي ٻين ملڪن سان رابطي واري نظام جي سالميت تي سوديبازي ڪئي وئي، سائفر واري معاملي سبب ٻين ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيا جنهن جو دشمنن کي فائدو ٿيو. عدالت چيو ته آمريڪا پنهنجي ردعمل ۾ ٽي ڀيرا چيو ته عمران خان جو بيان حقيقت تي ٻڌل ناهي، آمريڪا کانپوءِ عمران خان ڪوڙ ڳالهايو ته سازش تحت سندس حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻايو. شاهدن موجب، شاهه محمود قريشي جلسن ۾ سائفر واري معاملي تي ماڻهن کي ورغلايو، عمران خان ۽ شاهه محمود سائفر ڪيس ۾ پنهنجو پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جڏهن ته پراسيڪيوشن ٻنهي خلاف سائفر ڪيس کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سرڪاري وڪيل سان بدتميزي ڪئي ۽ فائل اُڇلائي ڇڏيا. ياد رهي ته سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خاص عدالت ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه ۾محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

چونڊن ۾ دير غيرآئيني ۽ غير جمهوري عمل هوندو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو/ ميرو خان (پ ر/ صفدر علي تنيو)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وضاحت کانپوءِ چونڊون ملتوي ٿيڻ واريون سمورين افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو آهي، عام  چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان پڪ ورتي آهي، ميروخان جي مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب نثار کهڙو چيو ته چونڊن ۾ دير ۽ عوام کي ووٽ جي فيصلي کان پري رکڻ غيرآئيني ۽ غير جمهوري عمل هوندو، ملڪ کي عوام کان کسڻ دراصل آئين کي معطل رکڻ جي برابر عمل آهي، آئيني طور تي نگران حڪومتون ٽن مهينن کان وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين حڪومت نه ٿيون ڪري سگهن، پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۽ پولنگ اسٽيشنن کي محفوظ بڻائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، آئيني طور تي اليڪشن ڪميشن حساس پولنگ اسٽيشنن ۽ امن امان خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿيڻ وارن هنڌن تي نگران حڪومت ۽ انتظاميه کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جون خدمتون وٺي سگهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ حق حاڪميت ٻئي ڪنهن نه پر صرف عوام جي هجي، اسلامي تحريڪ جي مشتاق جتوئي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات ڪري برادري ۽ ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

غير قانوني ڀرتين وارو ڪيس، پرويز الاهي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اينٽي ڪرپشن عدالت ٻن جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. پرويز الاهي جج کان اجازت گهرندي چيو ته مان ڪجهه دير لاءِ عدالت ۾ ويهان؟. جنهن تي جج چيو ته توهان ڀلي عدالت ۾ ويهو پر هتي ڪير به چانهه ۽ بسڪيٽ نه آڻيندو، گذريل ڀيري به هتي چانهه ۽ بسڪيٽ ڏنا ويا هئا. چوڌري پرويز الاهي جڏهن عدالت کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته ٻاهر پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي.

تحريڪ انصاف ڪارڪنن جون گرفتاريون، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي 4هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ سموررن ڊسٽرڪٽ جي ايس ايس پي سميت ٻين کي 15 فبيروري جا  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار تحريڪ انصاف اڳوڻ مسرورسيال پاران داخل ڪئي وئي، هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته تحريڪ انصاف کي چونڊن ۾ ڪامبيابي سان روڪيو پيو وڃي، اسان جي ڪارڪنن کي چونڊن جي ڏينهن گرفتارڪيو ويندو، هنن کي روڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽي تلوار تي پوليس حملو ۽ هنگامي آرائي واري ڪيس ۾ عدالت تحريڪ انصاف جي اميدوار شجاعت علي خان، مسرورسيال ۽ اعجاز سواتي جي 10ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي جو  چوڻ آهي ته نئين اولهه لهر بلوچستان ۾ داخل ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ جمعي جي رات هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر ۾ 3 ۽ 4 فيبروري تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي. موسميات کاتي 2 کان 3 فيبروري دوران ڄامشوري، دادو، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.