پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي: معراج الهديٰ صديقي

حيدرآباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي نائب امير معراج  الهديٰ صديقي مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. اهڙو مطالبو جماعت اسلامي جي نائب امير معراج الهديٰ صديقي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي مذمت ڪيون ٿا. معراج الهديٰ صديقي وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت پي ڊي ايم جي تقليد ڪندي عوام تي 50 ارب رپين جو بار وجهي ڇڏيو. جماعت اسلامي جي نائب امير جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو وڌيڪ زوال تي پريشان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.