سنڌ جي عوام لاءِ وڏي سهولت، ملڪيت جي رجسٽريشن هاڻ آن لائن به ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو عوام هاڻ گهر ويٺي اليڪٽرانڪ طريقي سان بورڊ آف روينيو کي پنهنجي ملڪيت جي رجسٽريشن لاءِ درخواست يا دستاويز جمع ڪرائي سگهندو.
عوام بورڊ آف روينيو کي ملڪيت جي دستاويزن جي درخواست به جمع ڪرائي سگهندو.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ رجسٽريشن ترميمي آرڊيننس 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي، آرڊيننس تحت ملڪيت جي حق لاءِ داخل دستاويزن جي ڊيٽا بيس تان آن لائن تصديق ڪئي ويندي.
گورنر آرڊيننس جي منظوري آئين موجب حاصل اختيارن تحت ڏني آهي.
دستاويزن جي تصديق، فيس يا ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ ايس ايم ايس يا اي ميل ذريعي آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.