بئنڪون 3 ڏينهن بند رهنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 5 فيبروري 2024 تي بئنڪ بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مرڪزي بئنڪ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان اعلانيل ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي 5 فيبروري 2024 (سومر) تي عام موڪل هوندي.
ان موقعي تي ڪمرشل بئنڪون به بند رهنديون.
ڪشمير ڏهاڙو سومر تي هجڻ سبب بئنڪ مسلسل ٽي ڏينهن ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي بند رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.