پاڪستاني 6 مهينن ۾ 9 کرب 42 ارب روپين کان وڌيڪ جي چانهه پي ويا

پاڪستان ۾ چانهه کي پسنديدهه ترين شربت سمجهيو ويندو آهي جيڪا نه رڳو گھرن ۾ تيار ٿيندي آهي پر وڏي انگ ۾ چانهه جا هوٽل به موجود آهن جتي هر وقت چانهه پيئندڙن جي رش هوندي آهي.
پر ڇا اوهان يقين ڪندئو ته گذريل سال رڳو 6 مهينن دوران پاڪستاني 9 کرب 42 ارب روپين کان وڌيڪ جي چانهه پي ويا.
ڳڻپ واري کاتي موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي پهرين 6 ماهي جولاءِ کان ڊسمبر تائين چانهه جي درآمد ۾ گذريل سان انهيءَ عرصي جي ڀيٽ ۾ 5.53 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
ڳڻپ واري کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 ماهي (جولاءِ کان ڊسمبر) دوران ملڪ ۾ چانهه جي درآمد 318 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 336 ملين ڊالرز تائين وڌي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مقدار جي لحاظ سان چانهه جي درآمد ۾ 9.12 سيڪڙو اضافو ٿيو ڇو جو سڄي ملڪ ۾ گذريل مالي سان جولاءِ کان ڊسمبر تائين 128 ميٽرڪ ٽرڪ ٽن چانهه گھرائي وئي جيڪا هلندڙ سال جي پهرين 6 ماهي جولاءِ کان ڊسمبر تائين 139 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.