آمريڪا ڀارت کي ڊرونز جو وڪرو روڪي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪا مڪمل جاچ تائين ڀارت کي 3 ارب ڊالرن جي ڊرونز جو ڪرو روڪي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ايم ڪيو نائن اي 31 سي گارڊين ۽ اسڪاءِ گارڊين ڊرونز ڀارت کي ڏنا هئا پر سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون جي قتل جي ڪوشش تي ڊرونز جي خريداري آمريڪي ڪانگريس ۾ رد ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪي نمائندن ڀارت کي ڊرونز جي وڪري لاءِ گھربل قانوني ڪارروائي کي منجمد ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ڀارت کي ڊرونز جو وڪرو روڪڻ تي ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي جڏهن ته ڀارتي سامونڊي فوج ۽ ڀارتي بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به رپورٽ تي ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.