وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل پاڪستان پاران سر سيد يونيورسٽي ۽ دعا فائونڊيشن جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل پاڪستان چيپٽر سر سيد يونيورسٽي آف انجينيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي(SSUET) جي چانسلر جاويد انوار ۽ دعا فائونڊيشن جي ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ دعا فائونڊيشن جي رياض عالم، ممتاز عالم، سرسيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عبدالحامد دڪني، حامد اسلام خان، خالد پرويز، ڊاڪٽر عبيد علي، اڪبر علي سميت وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل پاڪستان چيپٽر جي ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وائس فار هيومينيٽي انٽرنيشنل جي چيئرمين احتشام ارشد نظامي چيو ته بنگلاديشي ڪئمپن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي بلڪل وساريو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ سر سيد يونيورسٽي ۽ دعا فائونڊيشن جي سهڪار سان هڪ ڪامياب سيمينار ڪوٺايو ويو جنهن لاءِ اسان ٻنهي ادارن جا ٿورائتا آهيون.
هن چيو ته اسان ٻه نقاطي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ هڪ ته 1971ع ۾ ٿيل اوڀر پاڪستان سانحي جي تاريخ تي نظرثاني ڪرائڻ ۽ غير بنگالين جي قتِل عام جهڙن اصل حقيقتن کي منظرِعام تي آڻڻ ۽ ٻيو 53 سالن کان بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ سندن آبادڪاري لاءِ آواز بلند ڪرڻ آهي.
سرسيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انوار خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بنگلاديشي ڪئمپن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي آبادڪاري لاءِ هر هڪ کي انساني بنيادن تي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اِهو مسئلو ڊگهي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي جنهن کي ترجيحي بنياد تي جلد کان جلد حل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ان موقعي تي خالد پرويز، جبار سايا جي سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.