سنڌ ۾ ايندڙ هفتي تعليمي ادارا پنج ڏينهن بند رهندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به تعليمي ادارا 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي موجب سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي ڪري سڄي صوبي ۾ 6 کان 9 فيبروري تائين سمورا خانگي ۽ سرڪاري اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون بند رهنديون.
تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته 5 فيبروري تي سنڌ ۾ ڪشمير ڊي جي موڪل جو اعلان اڳ ئي ٿي چڪو آهي.
موڪلن جي سمري وزيراعليٰ هائوس موڪلي وئي آهي، منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيسن جاري ڪيو ويندو.
گذريل ڏينهن پنجاب ڪابينا عام موڪلن جي سلسلي ۾ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.
واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي شيڊول آهن جنهن جي سلسلي ۾ ڀرپور تياريون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.