ملڪ کي ڏيوالي کان بچائيندي اسان پنهنجي مقبوليت به وڃائي ڇڏي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته ن ليگ جي مقبوليت وري وڌي رهي آهي، ڇو ته ماڻهو ڄاڻين ٿا ته مسئلا ن ليگ ئي حل ڪري سگهي ٿي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان جي مقبوليت پي ڊي ايم حڪومت ۾ وڃڻ سبب نه پر ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ هنگامي قدمن سبب گهٽجي.
هن چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ڦري وئي، اسان حڪومت سنڀالي ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو.
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مان اسٽيلبشمينٽ سان ويجهو هجان ها ته نه جيل ڪاٽيان ها ۽ نه نيب جون سختيون برداشت ڪيان ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.