اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل کان اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه بني گالا منتقل ڪيو ويو.
احتساب عدالت اڄ توشا خانا ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي 14 سال پورهئي سان گڏ قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ گرفتاري ڏيڻ پاڻ اڊيالا جيل پهتي وئي پر کيس گرفتار نه ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل کان بني گالا منتقل ڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ باني جي بني گالا ۾ رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.
احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري کي توشا خانا ڪيس ۾ 14،14 پورهئي سان گڏ قيد جي سزا ٻڌائي ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي.
You might also like