پرويز الاهي کي مور نه مليو، گڏهه گاڏي جو نشان برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف صدر چوڌري پرويز الاهي مور جو چونڊ نشان وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.
لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 32 ۾ چونڊ نشان مور وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چونڊ نشان مور وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن محفوظ فيصلو ٻڌايو.
عدالت چونڊ نشان مور وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان کيس گڏهه گاڏي جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.