ڏهرڪي: گم ٿي ويل ڏيڍ ورهين جي نينگر جو لاش هٿ

ڏهرڪي ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل ڏيڍ ورهين جي نينگر جو لاش هٿ آيو آهي.
القطب ٽائون مان 10 ڏينهن اڳ گهران پراسرار نموني گم ٿيل ڏيڍ سالن جي معصوم نينگر اسد علي پٽ غلام قادر ڪوڀر جو ڪالوني ڀرسان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم لڳ نالين جي گندي پاڻي مان لاش هٿ آيو.
اطلاع تي پوليس ۽ ٻار جي جي وارثن پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرايو، ٻار جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
ٻارڙي جي پيءُ غلام قادر ڪوڀر ٻڌايو ته پٽ 10 ڏينهن اڳ گهران پراسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جو لاش هٿ آيو آهي، پٽ جو لاش پراڻو نه تازو آهي خدشو آهي ته کيس اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي.
غلام قادر چيو پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس پڻ پٽ جي ڳولا لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو. ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.