افتخار احمد ۽ اسد شفيق وڙهي پيا، ڏسو وڊيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پريميئر ليگ جي ميچ دوران آل رائونڊر افتخار احمد ۽ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽ اسد شفيق وڙهي پيا.
ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾جاري ايس پي ايل جي هڪ ميچ دوران پاڪستاني آل رائونڊر افتخار احمد ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق ۾ ڏند چڪ ٿيا.
ڪراچي غازيز جي نمائندگي ڪندڙ افتخار 161 رنسن جي حدف جو پيڇو ڪندڙ لاڙڪاڻا چئلينجرز جي اسد شفيق کي آئوٽ ڪيو.


اسد شفيق کي آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ افتخار جشن ملهائڻ جو انداز اسد شفيق کي پسند نه آيو ۽ اسپنر ڏي وڌي ويو.
افتخار بيٽر خلاف پنهنجي جارحيت جو مظاهرو ڪندو رهيو ، جنهن تي امپائرز ۽ ساٿين رانديگرن جي وچ ۾ اچي معاملو ٽاري ڇڏيو، اِها ميچ ڪراچي غازيز 68 رنسن تان کٽي ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.