شعيب ملڪ جي مداحن لاءِ سٺي خبر اچي وئي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آل رائونڊر شعيب ملڪ ٻيهر بنگلاديش پريميئر ليگ جوان ڪندو.
ميڊيا رپروٽن موجب، شعيب ملڪ ٻه فيبروريءَ تي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ پنهنجي ٽيم فارچيون بريشال کي جوائن ڪندو ۽ سهلٽ ۾ کلنا ٽائيگرز خلاف ٽي فيبروري تي ميچ کيڏندو.
واضح رهي ته شعيب ملڪ گذريل هفتي ذاتي مصروفيتن جي بنياد تي بي پي ايل اڌ ۾ ڇڏي دبئي هليو ويو هو.
شعيب ملڪ پاران اوچتو ٽيم ڇڏڻ کانپوءِ مٿس فڪسنگ ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳا پر پهريان فارچيون باريشال ۽ شعيب ملڪ اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.