ميان صاحب ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ٺل همايون روڊ تي تيز رفتار مسافر وين ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس ۽ علائقي واسين فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
فوتين ۾ مير پور ٻرڙو واسي 30 ورهين جو طارق علي ٻرڙو، ڳڙهي حسن واسي 32 ورهين جو سجاد علي سرڪي، جيڪب آباد واسي پيرسن افغاني لاشاري ۽ وين ڊرائيور نهال جکراڻي شامل آهن.
زخمين ۾ محمد عامر پٺاڻ، عبدالنبي ڪلر، محمد موسا ٻرڙو، عبدالرحمان ماڇي، سمير لاشاري، محمد امين لاشاري، علي نواز عارباڻي، شمس الدين جکراڻي، مسمات صبا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
Next Post
You might also like