ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ پ پ اميدوارن جي گهر ۽ آفيس تي دستي بم حملا، 5 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ضلعي ۾ پ پ اميدوارن جي گهر ۽ چونڊ آفيس تي دستي حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب سرياب روڊ گاهي خان چوڪ ڀرسان پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر مير علي مدد جتڪ جي چونڊ آفيس تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دستي بم ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود 5 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٽن گاڏين کي نقصان پهتو.
واقعي کانپوءِ فوري طور تي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
هوڏانهن ڪيچ ضلعي جي علائقي بليده ۾ به پ پ اميدوار ظهور بليدي جي گهر تي دستي بم حملو ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر حسين جان موجب دستي بم ظهور بليدي جي گهر اندر ڪِري ڦاٽي پيو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
هوڏانهن سبي ضلعي ۾ مين بازار ۾ دستي بم جو ڌماڪو ٿيو پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
پوليس موجب سبي جي علائقي ريزيڊنسي روڊ تي ٽريفڪ پوليس جي چوڪي تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن دستي بم ڦٽو ڪيو، جيڪو ڦاٽڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ چوڪي کي نقصان پهتو پر معجزاڻي طور ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.