قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ ٻن صوبائي تڪن تي چونڊ ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 8 باجوڙ، خيبر پختونخواهه جي سيٽن پي ڪي 22 ۽ پي ڪي 91 تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي.
باجوڙ ۾ اڄ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ اين اي 8 ۽ پي ڪي 22 مان آزاد اميدوار ريحان زيب خان مارجي ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي تڪن تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.
هوڏانهن پي ڪي 91 ڪوهاٽ 2 ۾ اميدوار جي لاڏاڻي سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب عصمت الله خٽڪ 30 جنوري تي لاڏاڻو ڪري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.