عمران خان کي سزا سان ملڪي معيشت تي بُرا اثر پوندا: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا تي دنيا کلندي ۽ انهن سزائن سان ملڪي معيشت تي بُرا اثر پوندا.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سزا ڏيڻ وقت جوابدار کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، تنهن ڪري سزا هاءِ ڪورٽ مان معطل ٿيڻي آهي.
هن چيو ته پراسيڪيوشن جي وڪيلن کي جوابدار جو وڪيل مقرر ڪرايو ويو، سائفر ڪيس ۾ جوابدار جي شاهدن کي نه گهرايو ويو ۽ جوابدار جو 342 جو بيان وٺڻ بنا سزا ٿي، سائفر ۾ پي ٽي آءِ باني جي 342 جي بيان تي سندس صحيحون ئي ناهن.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز به توشا خانا مان گاڏيون ورتيون ۽ کپايون، انهن تي اهڙو ڪو ڪيس نه ٺاهيو ويو، اسان 70 سالن کان اهو ڊرامو ڏسي رهيا آهيون، جيڪو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، جيڪو اڄ هڪ پارٽي سان ٿي رهيو آهي، سڀاڻي ٻي سياسي جماعت سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.