بُري خبر، ايل پي جي مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ رپيو 17 پئسا واڌ ڪري ڇڏي.
اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سئلينڊر 13 رپيا 76 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي ۽ ايل پي جي جي نئين في ڪلو قيمت 257 رپيا 60 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 40 رپيا ٿي وئي آهي، نوان اگهه فيبروري کان لاڳو ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.