ويرات ڪوهلي ڀارتي ٽيم ۾ ڇو ناهي؟ ڪارڻ سامهون اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ويرات ڪوهلي اڄڪلهه ڀارتي ٽيم کان پري آهي جنهن سبب هن بابت ڀارت ۾ افواهه گردش ڪرڻ لڳا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ نه کيڏي هئي، هو ٻي ميچ دوران به ٽيم جو حصو نه هوندو ۽ ٽين ميچ ۾ به سندس شرڪت شڪي آهي.
رپورٽن موجب، ان دوران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان مداحن کي اهڙي قسم جي افواهن ۽ ڪوڙي خبرن تي ڌيان نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
ڪجهه سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان دعويٰ ڪئي وئي ته ويرات ڪوهلي پنهنجي ماءُ جي صحت سبب ٽيم ۾ نه آهي،جنهن تي ويرات ڪوهلي جي ڀاءَ وڪاس ڪوهلي اهڙين خبرن ۽ افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ويرات ڪوهلي جي ڀاءَ وڪاس پنهنجي بيان ۾ چيو هن ڏٺو آهي ته سندن ماءُ جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون پکيڙيون پيون وڃن.
هن واضح ڪندي چيو ته سندن ماءُ بلڪل ٺيڪ ۽ تندرست آهي، هن ميڊيا سميت سڀني کان درخواست ڪئي ته اهڙي ڪا به خبر تصديق کانسواءِ نه ڦهلائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.