اليڪشن ڪميشن اهم اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب اجلاس سڀاڻي منجهند 3 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نگران وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ٻنهي صوبن جا چيف سيڪريٽري شريڪ ٿيندا.
ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي صوبن جا آءِ جيز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جا نمائندا به اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.