عمران خان کي سزا تي آمريڪا جو ردعمل سامهون اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پي ٽي آءِ باني جي سزا تي چيو آهي ته اهو پاڪستاني عدالتن جو معاملو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو ملر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيسن کي ڏسي رهيا آهيون ته اهو قانوني معاملو آهي، جمهوري اصولن، قانون جي حڪمراني جي احترام جو مطالبو ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ انساني حقن جي احترام جو مطالبو ڪيون ٿا، اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيس هلڻ هڪ قانوني معاملو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙو جمهوري عمل چاهيون ٿا، جتي جمهوري اصولن جو احترام هجي، پاڪستان جي اندروني معاملن، اميدوارن بابت ڪا پوزيشن نٿا وٺون.
ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان ۾ صاف شفاف چونڊون ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ اليڪشن جو عمل مانيٽر ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.