ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله چونڊن جي ضابطا اخلاق تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. صوبائي اليڪيشن ڪمشنر شڪايت تي پي ايس 99 ڪراچي اوڀر تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جماعت اسلامي جي اميدوار محمد يونس باري کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏھن ته پي ايس 100 ڪراچي ايسٽ ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حيدر عمراڻي کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. ضلعي مانيٽرنگ آفيسر پي ايس 84 ملير ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪيترن ئي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ ٽيمن ڪراچي سينٽرل، ڏکڻ، ڪياماڙي، ٽنڊوالهيار، خيرپور، ملير، ڪورنگي، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي ۾ ڪارروايون ڪيون.عوامي روڊن، عوامي پارڪن، سرڪاري عمارتن ۽ ٽريفڪ سگنلن تان غيرقانوني سائن بورڊ، پينافلڪس، پوسٽر ۽ بينر، جھنڊن سميت ٻيو سمورو اشتهاري مواد هٽايو ويو. ضلعي مانيٽرنگ آفيسر دادو پي ايس 80 دادو ۾ بجلي جي پولن تي پارٽي جا جھنڊا لڳائڻ تي جي ڊي اي ڪارڪنن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله ضلعي مانيٽرنگ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي واضع ھدايت ڪئي آھي تھ ضابطا اخلاق تي مڪمل عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله وڌيڪ چيو تھ سنڌ صوبي اندر چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو تھ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آزاد، منصفاڻي ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مختلف اميدوارن تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ( م ڊ) اليڪشن ڪميشن پنجاب عام چونڊن لاءِ جاري چونڊ مهم دوران اميدوارن پاران چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪندي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. ترجمان اليڪشن ڪمشنر پنجاب جو چوڻ آهي ته ساهيوال جي تڪ اين اي 142 جي اميدوار عثمان علي تي 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، عثمان علي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندي ترقياتي منصوبي جو افتتاح ڪيو.صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر (ڊي ايم او) ڏنڊ جي رقم 30 جنوري تائين سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان اليڪشن ڪمشنر پنجاب موجب پي پي 200 جي اميدوار احمد علي کي بغير اجازت ريلي ڪرڻ تي 50 هزار رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو آهي، جڏهن ته پي پي 42 جي اميدوار ساجد احمد خان کي به 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ساجد احمد کي پهرين فيبروري تائين ڏنڊ جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.