قومي ٽيم جي فٽنس ۽ فيلڊنگ جو ميعار خراب ڇو؟ سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فٽنس ۽ فيلڊنگ معيار ۾ تنزلي جو سبب سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب، اڳوڻي ٽيم مئنيجمينٽ ٽيسٽ جو سلسلو ئي ختم ڪري ڇڏيو هو، فٽنٽس ڪيمپ ۽ يو يو ٽيسٽ وغيرا کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر گڏيل طور تي فٽنس ٽيسٽ جو سلسلو ختم ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ فيلڊنگ ۾ تنزلي تي محمد حفيظ نئين حڪمت عملي جوڙي آهي ۽ سندس خيال آهي ته فٽنس تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ ڪجهه رانديگرن جي وڌندڙ وزن مان به خوش نه هئي، جنهن کانپوءِ هاڻ محمد حفيظ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر طور فٽنس پروگرام مرتب ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامينٽ کان اڳ رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ ورتي ويني ۽ ٽيسٽ گهرجن تي پورو نه لهندڙ رانديگرن کي سليڪيٽ نه ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ ٽيسٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ سخت فيصلا ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.