آءِ سي سي ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي سزا ٻڌائي ڇڏي

دبئي(ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنوويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) موجب، جسپريت بمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ليول 1 جي آرٽيڪل 2.12 جي ڀڃڪڙي ڪئي.
ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي جسپريت بمرا کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي، ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙيءَ جو واقعو حيدرآباد ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي اننگز دوران 81 هين اوور ۾ پيش آيو.
آءِ سي سي موجب، جسپريت بمرا ڄاڻي واڻي رنز وٺندي اولي پوو جي رستي ۾ آيو ۽ بمرا اولي پوپ سان اڻوڻندڙ انداز ۾ ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
جسپريت بمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي پنهنجي غلطي ۽ آءِ سي سي جي سزا قبول ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.