محمد حفيظ ۽ پي سي بي ۾ اختلاف؟، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، آسٽريليا کان وطن واپسي تي ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ کي پريس ڪانفرنس جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ کيس پريس ڪانفرنس کان روڪي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اختيارين حفيظ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تڪرار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن موجب، چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير محمد حفيظ جي پريس ڪانفرنس جو مخالف آهي، بورڊ جا ڪجهه آفيشلز به حفيظ جي پريس ڪانفرنس جي حق ۾ ناهن، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا جي اين او سي پاليسي تي به بورڊ ۾ اختلاف آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان واهلا محمد حارث کي بنگلاديش ليگ جي اين او سي نه ڏني ۽ اعظم خان کي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي لاءِ ٽين اين او سي ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، شاداب خان پاڪستان طرفان کيڏڻ لاءِ ان فٽ ۽ آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي لاءِ فٽ ٿي ويو، بورڊ آفيشلز سڄي صورتحال ۾ محمد حفيظ کي ميڊيا ۾ آڻڻ کان لنوائي رهيا آهن.
محمد حفيظ جو موقف آهي ته پي سي بي ليگ ڪرڪيٽ کي ترجيح نه ٿو ڏئي سگهي.
ذريعن موجب، محمد حفيظ پاڪستاني ميڊيا ۽ خاص طور سوشل ميڊيا مان خوش نه آهي، هو آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري بابت افواهه ختم ڪرڻ ۽ ناڪامي جا سبب ٻڌائي پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرائڻ چاهي پيو.
محمد حفيظ جي معاهدي ۾ واڌ ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي ٽوئيٽ نه ڪئي.
سوشل ميڊيا تي ئي پنهنجي پيغام ۾ محمد حفيظ چيو ته ڪرڪيٽ ئي سندس جنون ۽ زندگي ۾ سڀ کان اهم طاقت آهي، سوشل ميڊيا تي پروفيشنل ماڻهن جي مدد سان ڦهلايل پاڻمرادو ۽ غلط خبرون ان کي گهٽائي نه ٿيون سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.