سپريم ڪورٽ اختر مينگل کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اختر مينگل جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اعتراض ڪندڙ طرفان وڪيل سلطان احمد پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ياسر احمد، اختر مينگل جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل داخل ڪئي، رٽرننگ آفيسر نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، اليڪشن ٽربيونل آر او جو فيصلو رد ڪندي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا، هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو، اختر مينگل 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ اميدوار آهي، عدالت نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد ڪري ٿي.
عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊ معاملي جي حقيقتن بابت ڪيسن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري ٿي.
سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل خارج ڪندي بي اين پي سربراهه کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.