” ايران ۽ پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن جي ” ٽيون ملڪ “ مدد ڪري رهيو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي سلامتي ۽ خودمختياري جو احترام يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعليٰ سطح جي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير شامل هوندا، دهشتگردي بابت هڪٻئي جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايران پاڪستان جو دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، ايران گهرا ثقافتي، مذهبي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ايراني وفد سان تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي آهي جنهن دوران گڏيل مفادن جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نگران پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن جو گڏيل چئليج آهي، انڪري دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرحدي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻي پوندي، مضبوط لاڳاپا ٻنهي ملڪ جي ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهن.
هن چيو ته اعلي سطحي حڪمت عملي پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي، اسان ايران جي صدر کي چونڊن بعد پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي، پاڪستان ۽ ايران هڪ اعلي سطحي مشاورتي ميڪنزم جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ هوندو.
سندس چوڻ هو ته هن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ رابطي لاءِ تربت ۽ زاهدان ۾ رابطا آفيسر مقرر ڪيا ويندا، رياست جي خودمختاري ۽ احترام ضروري آهي.
ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي ڪارروائين جو ڪو به موقعو فراهم نه ڪيو ويندو، سرحد تي سرگرم دهشتگرد ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهن، دهشتگردن ايران کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.
هن چيو ته دهشتگردن کي پنهنجي گڏيل سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪڏهن علائقائي تڪرار نه رهيو، هو پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري جو احترام ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل سرحدي خطي ۽ ايراني ۽ پاڪستاني علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن جن کي ٽئين ملڪ جي مدد ۽ رهنمائي حاصل آهي.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردن پاڪستان ۽ ايران کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بارڊر فوري طور کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.