بيٽر جي آئوٽ ٿيڻ باوجود کيس کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي ڪولن منرو جي واکاڻ

شارجا(ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ليگ ( آءِ ايل ) ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي ڪپتان ڪولن منرو اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻيو مثال ڪري ڇڏيو.
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز ۽ شارجا واريئرز وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران شاداب خان جي بال تي نان اسٽرائيڪر اينڊ تي موجود مارٽن گپٽل ڪريز مان نڪتو ۽ ڪِري پيو.
ان کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر اعظم خان رڙ ڪندي چيو ته بال وڪيٽ تي هڻو ۽ ڊيزرٽ وائپرز جي شاداب خان ڪريز کان ٻاهر موجود مارٽن گپٽل کي رن آئوٽ ڪري ڇڏيو.
پر ڊيزرٽ وائپرز جي ڪپتان ڪولن منرو مارٽن گپٽل کي بيٽنگ جاري رکڻ جو مشورو ڏيندي اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.