انڊر 19 ورلڊ ڪپ: پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي شڪست، سپر سڪس لاءِ سيٽ پڪي

ايسٽ لنڊن ( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۾ جاري انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان، نيوزيلينڊ کي ڏهن وڪيٽن تان هارائي مسلسل ٽين فتح حاصل ڪري سپر سڪس مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ايسٽ لنڊن ۾ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ 19 ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستاني بالرن آڏو ڪيوي بيٽرز بيوس نظر آيا، وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ سموري ٽيم 26 هين اوور ۾ 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان عُبيد شاهه، عرفات منهاس شاندار بالنگ ڪندي ٽي، ٽي جڏهن ته نويد احمد خان ٻه، علي اسفند ۽ محمد ذيشان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
141 رنسن جي حدف جي جواب ۾ پاڪستان انڊر 19 جي اوپنرن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي بنا ڪنهن نقصان جي پاڪستان کي ڪاميابي ڏياري.
پاڪستان جي شاهزيب خان 80 ۽ شمعل حسين 54 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، شاندار بيٽنگ تي شاهزيب خان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنوويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.