هونئن ته ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ آرمي چيف جي شخصيت ۽ سوچ پاڪستان جي سياست توڻي جو معاشري کي به متاثر ڪندي رهي آهي پر گذريل 6 سالن دوران پاڪستان جو سياسي ۽ حڪومتي نظام ان قدر هائبرڊ بڻجي چڪو آهي جو هاڻي ڪيترن ئي حوالي سان آرمي جو پاسو ڳرو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ وزيراعظم سان گڏ آرمي چيف جي سوچ ۽ اپروچ کي سمجهڻ ضروري ٿي ويو آهي جنهن کي سهيل وڙائچ جنرل باجوا جي دور ۾ ڊاڪٽرائن جو نالو ڏنو هو.
گزريل ڏينهن موجوده آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي نمائندن تقريبن 2 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ وائيس چانسلرز سان ٽن ڪلاڪن تي ٻڌل خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن سان سندس سوچ ۽ اپروچ جو اندازو ٿئي ٿو ۽ سمجهڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته سيد عاصم منير جو ڊاڪٽرائن ڇا آهي.
سندس خطاب ايترو جامع ۽ تفصيلي هو جو ان کانپوءِ جڏهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خطاب لاءِ گهرايو ويو ته هن چيو ته آرمي چيف جي خطاب بعد وٽس چوڻ لاءِ ڪجهه رهيو ناهي ان لاءِ هن سندس خطاب جي تشريح ۽ وضاحت تي ٻڌل ڪجهه منٽن جي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف سيد عاصم منير تقرير ڪئي ۽ چيو ته : اڄ منهنجي زندگي جو اهم ڏينهن آهي ڇو ته مان پاڪستان جي مستقبل يعنيٰ نوجوانن کي مخاطب ٿي رهيو آهيان. هي نوجوان پاڪستان جي وسيلن مان اصل سورس آهن. پوءِ هن اقبال جو هي شعر پڙهيو ته:
اس قوم ڪو شمشير ڪي حاجت نهين رهتي
هو جس ڪي جوانون ڪي خودي صورت فولاد
هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هندن کان آزادي ان لاءِ حاصل ڪئي ڇو ته هو سمجهندا هئا ته اسان جو مذهب، اسان جي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي انهن کان مختلف آهي. ان لاءِ هنن وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ اڄ جيڪڏهن اسان کي اولهه کان متاثر ٿيڻو آهي يا ان جي تهذيب کي اختيار ڪرڻو آهي ته پوءِ سوال اهو آهي ته هندن کان آزادي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هن چيو ته اولهه جي ڀيٽ ۾ اسان کي ڪنهن احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو مذهب به سپيرير آهي ۽ اسان جي تهذيب به.
بنيادي انساني حقن جي حوالي سان به اولهه کان متاثر ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته برطانيا ۾ عورتن کي ووٽ جو حق 60 جي ڏهاڪي ۾ ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق 1947 کان حاصل هو. هن چيو ته انساني تاريخ ۾ ٻه رياستيون اسلام جي نالي تي ٺهيون آهن. هڪ رياست طيبه ۽ ٻي رياست پاڪستان. سندس چوڻ هو ته رياست مدينه نه پر رياست طيبه ٺهڪندڙ لفظ آهي ڇو ته مدينه عربي ۾ شهر کي چوندا آهن جڏهن ته قرآن ۾ ان شهر لاءِ يثرب جو لفظ استعمال ٿيو آهي ان لاءِ نبي ڪريم صه جي قائم ڪيل رياست لاءِ رياست طيبه صحيح لفظ آهي. انهن ٻنهي رياستن ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون ملن ٿيون.
مثال طور رياست طيبه لاءِ به ان جي قيام کان گهڻو اڳ هجرت حبشه ٿي جڏهن ته پاڪستان لاءِ به ان جي قيام کان گهڻو اڳ خلافت موومينٽ دوران هجرت ٿي. اهڙي ريت رياست طيبه جي قيام لاءِ به مڪه کان مدينه طرف هجرت ٿي ۽ رياست پاڪستان لاءِ به هندوستان کان پاڪستان ڏانهن هجرت ٿي. رياست طيبه به 27 رمضان المبارڪ تي قائم ٿي ۽ رياست پاڪستان به 27 رمضان المبارڪ تي قائم ٿي. رياست طيبه جو مطلب به پاڪ رياست آهي ۽ پاڪستان جو مطلب به پاڪ ماڻهن جو ٺڪاڻو آهي. جيڪڏهن سعودي عرب کي الله تيل جي صورت ۾ قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي ته پاڪستان تي به الله قدرتي وسيلن جي صورت ۾ اڻ ڳڻيون نوازشون ڪيون آهن.
هتي وڏا وڏا گليشيئرز آهن جنهن سان اسان جا درياهه هلندا رهن ٿا. اسان جي جبلن هيٺان به قدرتي خزانا آهن. اسان جي رڻن هيٺان به قدرتي وسيلن جي موجودگي جو اهو عالم آهي جو رڳو بلوچستان ۾ زمين هيٺ 6 ٽريلين ڊالر جا قدرتي ذخيرا موجود آهن جڏهن ته پاڪستان جو ڪل قرض 128 ملين ڊالر آهي. اسان جيڪڏهن انهن مان فائدو نه وٺنداسين ته اهو اسان جو ڏوهه آهي. (انهن وسيلن مان فائدو وٺڻ بدران ابتو) اسان اولهه ڪلچر کي فالو ڪرڻ جي روايت ۾ پنهنجي ڪلچر جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. اهي مدر ڊي ۽ فادر ڊي جا ڊراما ڇا آهن؟ اسان مسلمانن لاءِ ته هر ڏينهن مدر ڊي آهي ۽ هر ڏينهن فادر ڊي آهي.
اسان جي رب جنت کي ماءُ جي پيرن هيٺان رکيو آهي. ترجمو: ۽ توهان جي رب حڪم فرمايو ته ان کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو ورتاءُ ڪريو. جيڪڏهن تنهن جي سامهون انهن مان ڪو هڪ يا ٻئي پوڙهائپ کي پهچي وڃن ته انهن کي اف تائين نه چئجان ۽ انهن کي دڙڪا نه ڏجان ۽ انهن سان خوبصورت، نرم ڳالهه ڪجان. قرآن چيو آهي ته اهي ڪجهه به ڪن پر اسان کي انهن جي سامهون اف تائين ناهي ڪرڻو. جڏهن ته اولهه جي فريڊم آف ايڪسپريشن ۾ ته ٻار ان نالي تي ماءُ پيءُ سامهون به بيهي رهن ٿا پر اسان جي دين ۾ فريڊم آف ايڪسپريشن سان ڪجهه رنڊ روڪ به آهي. مثال طور اسان والدين سامهون بيهي نٿا سگهون ۽ اهي ڪجهه به ڪن ته اسان کي انهن جي سامهون اف تائين ڪرڻ جي اجازت ناهي.
اصل ۾ اسان وڏا ناشڪرا آهيون ۽ قرآن جي اها آيت اسان تي لاڳو ٿئي ٿي ته ترجمو: ۽ تون پنهنجي رب جي ڪهڙي ڪهڙي نعمت کي جهٽلائيندين. اسان ائين ئي احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آهيون جڏهن ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪندڙ ملڪ هو. هتي اليڪٽرڪ ٽرين هلندي هئي. دنيا جي ٻن ايئرلائنز وٽ جيٽ جهاز هئا جن مان هڪ پي آءِ اي وٽ ۽ ٻيو جاپان جي ايئر لائين وٽ هو. great people to fly with جو ٽائٽل پي آءِ اي کي آمريڪا جي فرسٽ ليڊي ڏنو هو. اسان امارات، مالٽا ۽ سنگاپور جون ايئرلائنز ٺاهيون. ڪوريا پاڪستان جو پنجن سالن جو پلان ڪاپي ڪندو هو. جنهن ڏينهن اسان چئي ڇڏيو ته بس گهڻو ٿي ويو، اسان کي سڌرڻو آهي ته پاڪستان هڪ جهاز جيان ٽيڪ اپ ڪري ويندو.
الله اسان کي دنيا جو سڀ کان وڏو نهري نظام ڏنو آهي. ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اسان اڄ به دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ستين نمبر تي آهيون ۽ سڄي آفريقا کنڊ ۾ ايتري ڪڻڪ پيدا نٿي ٿئي جيتري رڳو پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ٿي. هن سال چانورن جو فصل ٻيڻو ٿيو آهي جڏهن ته اڃا ان ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ جا اثر شامل ناهن ٿيا پر خبر ناهي ڇو اسان پوءِ به اميد جو دامن ڇڏي ڏيون ٿا جڏهن ته اسلام اسان کي نااميد ٿيڻ کان منع ڪيو.
ترجمو: توهان فرمايو: اي منهنجا اهي ٻانهو جن پنهنجي جانين تي زيادتي ڪئي! الله جي رحمت مان مايوس ناهي ٿيڻو، بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ڇڏيندو آهي، بيشڪ اهو ئي بخشڻ وارو مهربان آهي.