مرتضيٰ وهاب، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
مرتضيٰ وهاب پاران اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته هو قانون جي پاسداري ڪرڻ وارو شهري آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي قانون ۽ آئين تي عملدرآمد جو پابند آهي.
ميئر ڪراچي چيو ته هو ڪنهن به سياسي سرگرمي جو حصو ناهي بڻيو نه اڳتي بڻجندو.
سندس چوڻ هو ته 26 جنوري تي پريس ڪانفرنس ڪنهن سياسي مهم جو حصو نه پر عوامي مسئلن تي هئي، ان کانسواءِ پنهنجي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب، اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن اميدوار جي مهم جوحصو نه بڻجڻ تي خاطري ڪرائي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ميئر ڪراچي کي 26 جنوري تي پريس ڪانفرنس تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.