سائفر واري سياست ناهيون ڪندا، ملڪ ترجيح آهي: شيري رحمان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سائفر واري سياست ناهيون ڪندا، ملڪ اسان جي ترجيح آهي.
هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته چونڊ سرگرميون بلاول ڀٽو زرداري جي ڪري عروج تي آهن، اليڪشن انڪري ٿي رهي آهي ڇو ته پيپلز پارٽي ميدان ۾ اچي چڪي آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو کانپوءِ آصف ڀٽو به عوام وٽ پهچي چڪي آهي، اڄ چونڊ منشور جاري ڪيو ويو آهي جيڪو پارٽي لاءِ اهميت رکي ٿو، اسان جي پارٽي سدائين غريب بابت سوچيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان سائفر واري سياست ناهيون ڪندا، ملڪ کي ترجيح ڏيندا آهيون، هن وقت نوجوانن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پ پ اڳواڻ اِهو به چيو ته هاري ڪارڊ ذريعي هارين کي فائدو ملندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت سي پيڪ جي بنياد آصف علي زرداري رکيو.
هن وڌيڪ چيو ته هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ پ پ جي چونڊ منشور جو حصو آهي، اسان جي پارٽيءَ 1973ع واري آئين تي اصل صورت ۾ بحال ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.