راحت فتح علي خان جو ملازم تي بدترين تشدد

لاهور (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ راڳي راحت فتح علي جي پنهنجي ذاتي ملازم تي بدترين تشدد جي وڊيو سامهون آئي آهي.
موسيقي جي ٻولي ۾ ڳالهائيندڙ گلوڪار کي پنهنجي ملازم تي لتون، مُڪون ۽ جوتا وسائيندي ڏسي سگھجي ٿو.
وڊيو ۾ راحت فتح علي خان کي اهو چوندي ٻڌي سگھجي ٿو ته منهنجي بوتل ڪٿي آهي؟
ذريعن موجب راتح فتح علي خان منع ٿيل شين جي مبينا استعمال کان پوءِ اڪثر ملازمن تي تشدد ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.