سرڪاري ڪوارٽرز ۾ رهندڙن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جهانگير، مارٽن، ڪليٽن ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي نئين سر اڏاوت جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ پراڻن سرڪاري ڪوارٽرز جي خالي زمينن تي وڏيون عمارتون بڻائڻ جي منصوبي تي وفاقي حڪومت سنڌ حۡومت سان ايم او يو جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايم او يو وفاقي هائوسنگ اينڊ ورڪس وزارت، سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ ڪي ايم سي وچ ۾ ٿيندو، ٽنهي ڌرين جهانگير، مارٽن، ڪليٽن ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي نئين سر تعمير ڪنديون، ڪراچي شهر جي وچ ۾ تقريبن 335 ايڪڙ ايراضي خالي آهي، ڄاڻايل ڪوارٽرز زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهن.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪوارٽرز وفاقي ملازمن کي ان وقت الاٽ ڪيا ويا هئا جڏهن ڪراچي وفاقي راڄڌاني هو، راڄڌاني جي منتقل ٿيڻ کان پوءِ ڪوارٽرز وفاقي ملازمن کان واپس نه ورتا ويا هئا.
مقبول باقر چيو ته گھڻا ڪوارٽرز هاڻي ملازمن جي گھرڀاتين جي قبضي ۾ آهن جڏهن ته ڪجهه ڪوارٽرز وڪرو ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
مقبول باقر چيو ته ڪنهن به رهواسي وٽ ڪا الاٽمينٽ يا ٽائٽل ڊيڊ موجود ناهي، پائلٽ پروجيڪٽ جي شروعات لاءِ دستياب خالي زمين جي نشاندهي ڪئي ويندي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته ڪوارٽرز جي تعمير سان گڏ گرين زون ۽ ڪمرشل ايريا بڻايو ويندو، منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيڙپڪاري ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته رهواسين لاءِ گھرن جي تعمير جو حصو چاليهه سيڪڙو مختص هوندو، ڪوارٽرز جي سمورن رهواسين کي نئين عمارتن ۾ هر صورت ۾ منتقل ڪيو ويندو ۽ پاور آف اٽارني منتقل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.