لاهور ( ويب ڊيسڪ ) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان صاف پاڻي پروگرام جي سالياني رپورٽ 2023ع جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2023ع دوران صاف پاڻي جون 2 هزار 826 رٿائون مڪمل ڪيون ويون، چولستان ۾ 413 پروجيڪٽ مڪمل ٿيا.
رپورٽ موجب، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ 29 مستقل موبائل واٽر فلٽريشن پلانٽس لڳايا ويا جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ ويهه ايگرو سولر منصوبا مڪمل ڪيا ويا، جنهن کي شمسي توانائي ذريعي هلايو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڄاڻايل منصوبن ذريعي علائقي وسين کي صاف پاڻي کانسواءِ آبادگاري جي سهولت به حاصل آهي.
ان ڏس ۾ سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري جو چوڻ آهي ته الخدمت فائونڊيشن جو مختلف دائرن ۾ انسانيت جي خدمت جو مشن جاري آهي، بدلجندڙ عالمي حالتن دنيا جي ترقياتي ايجنڊا جي مرڪزي نڪتي WASH ( پاڻي، صفائي سٿرائي، صحت جو تحفظ) کي نظر ۾ رکندي الخدمت پنهنجو دائرو واڌايو آهي.
هن چيو ته ان سلسلي ۾ گذريل سال صاف پاڻي پروجيڪٽ جو نالو تبديل ڪري واش پروجيڪٽ رکيو ويو ۽ دائرو وڌائيندي صاف پاڻي سان گڏوگڏ صفائي ۽ صحت سان لاڳاپيل خدمتون به شامل ڪيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته الخدمت فائونڊيشن جي واش ويجن تحت، سڀني کي پاڻي ۽ صفائي جو بنيادي انساني حق حاصل آهي، 2030ع تائين سڀني لاءِ برابري جي بنياد تي صفائي، صحت جي تحفظ تائين پهچ ۽ کليل هنڌن تي حاجت جو خاتمو اسان جو حدف آهي، اِهي حدف عالمي ادارن جي پائيدار ترقي جي حدفن سان هم آهنگ آهن، اسان ان پاسي وک وڌائي پائيدار ترقي جي 2030ع واري ايجنڊا ۾ حصو وجهي انساني زندگي جو معيار بهتر ڪنداسين.
Next Post
You might also like