سوشل ميڊيا جي ڪري ڇوڪرين جو شاديون ناهن ٿي رهيون: زالي سرحدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا زالي سرحدي چيو اهي ته ڇوڪرين جي شادين ۾ دير جو سبب سوشل ميڊيا به آهي، ڇو جو هنن وٽ گھڻا آپشن ٿي ويا آهن.
زالي سرحدي تازو ئي هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن ڪيريئر سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪارا ٻڌايو ته هن ڪيريئر جي شروعات 2003ع جي آخر يا 2004ع جي شروع ۾ لو ميريج نالي ڊرامي سان ڪئي هئي.
اداڪارا شادين ۽ لاڳاپن جي حوالي سان ٻڌايو ته کيس سندس مڙس ۽ غير شادي شدهه دوستن ٻڌايو ته ڇوڪرين جون شاديون سوشل ميڊيا جي ڪري به ناهن ٿي رهيون.
اداڪارا وضاحت ڪئي ته سوشل ميڊيا تي ڇوڪرين جي خوبصورتي جون ايتريون تعريفون ڪيون وڃن ٿيون جو اُهي پاڻ کي حسين ترين سمجهڻ لڳن ٿيون.
زالي سرحدي موجب سوشل ميڊيا تي تعريفون ٻڌڻ کان پوءِ ڇوڪرين کي لڳي ٿو ته هنن وٽ آپشنز گھڻا آهن. ان ڪري اُهي گھڻن ماڻهن کي رد ڪن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ڇوڪرين پاران ڇوڪرن نظرانداز گھڻو ۽ پسند گھٽ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو به ڇوڪرين جي شادين ۾ دير جو هڪ سبب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.