ڪراچي کي بدبودار چوڻ تي ناديا حسين ڏچي ۾ پئجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل، اداڪارا ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ ناديا حسين پاران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي بدبودار چوڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي شهر لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.
اداڪارا انسٽاگرام تي ڪراچي ۾ پکڙيل گندگي بابت پوسٽ ڪئي ته واهپيدارن کيس مشورو ڏنو ته هوءَ ٻين شوبز شخصيتن سان گڏجي شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪجهه ڪري.
واهپيدارن اداڪارا جي پوسٽ تي ڪمينٽس ڪندي کيس مشورو ڏنو ته هوءَ ڪوشس ڪري شهر جي ميئر سان ملي، وزيرن سانملي ۽ حڪومتي عهديدارن سان ملي شهر جي صفائي جو ڪم شروع ڪرائي.
اهڙي طرح ڪجهه ماڻهن کيس مشورو ڏنو ته هو شهر تي تنقيد ڪرڻ بدران ٻين شوبز شخصيتن سان گڏجي شهر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري.
ماڻهن اداڪارا جي پوسٽ تي ڪمينٽس ڪندي کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو ته جيڪڏهن هوءَ شهر لاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگھي ته مهرباني ڪري شهر کي خراب به نه چوي.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس ڳالهه سان اتفاق به ڪيو ۽ لکيو ته واقعي شهر ۾ گھڻي گندگي آهي، بدبودار هواءِ گھلندي رهندي آهي.
ڪجهه مداحن ناديا حسين کي اهو مشورو به ڏنو ته هوءَ ڪراچي ڇڏي اسلام آباد لڏي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.