ويوو جو نئون مڊ رينج فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ويوو پنهنجي واءِ سيريز جو مڊ رينج فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي فيچرز ۽ قيمت جي حوالي سان مناسب فون قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني ويوو واءِ 100 فائيو جي کي 6.67 انچن جي اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ پيش ڪيو آهي.
فون کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 128 ۽ 256 جي بي ميموري ماڊلز سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ويوو واءِ 100 فائيو جي جي بيڪ تي ٻه ڪيمرا جڏهن ته فرنٽ تي هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي، جن کي جديد سينسرز سان اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 جڏهن ته ٻي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته فرنٽ تي به 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
فون ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتوربيٽري کي 8 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو 30 منٽن ۾ 70 سيڪڙو بيٽري چارج ڪري سگھجي ٿي.
ڪمپني فون جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري ماڊل جي قيمت پاڪستاني 68 هزار روپيا جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت 74 هزار روپيا رکي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي رڳو انڊونيشيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جلد ان کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.