مالي فراڊ ڪيس: فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت مالي فراڊ ڪيس ۾ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف مالي فراڊ ڪيس جي ٻڌني ٿي، جنهن ۾ عدالت استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ڏهه فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي.
ٻڌڻي جي سلسلي ۾ فواد چوڌري جو وڪيل قيصر امام ۽ مرزا عاصم بيگ عدالت ۾ پيس ٿيا، جج محمد سهيل چيو ته اڄ فرد جرم جي ڪارروائي شروع ڪيون ٿا، ان تي وڪيل قيصر امام چيو ته هاڻي ڪيس ورتو آهي، فائل ڏسڻ لاءِ وقت گهربل آهي.
ان دوران فواد چوڌري طرفان بنا هٿڪڙي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي. جنهن تي سندس وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فواد سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ وزير رهي چڪو آهي تنهنڪري هٿڪڙي نه لڳائيوڃي، ان تي جج چيو ته ڇا اِهي سڀ شيون فواد چوڌري کي ٻين قيدين کان مٿانهون بڻائين ٿيون”؟ .
وڪيل چيو ته فواد چوڌري کي ڪڏهن منهن ڍڪي ڪڏهن هٿڪڙي لڳائي پيش ڪيو ويندو آهي، هو ميڊيا جي هيڊلائنز بڻجي ويندو آهي، سڀ ڪجهه کيس هيٺانهون ڏيکارڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ هٿڪڙي تذليل لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، ان تي جج چيو ته هو معاملي کي ڏسي مناسب آرڊر ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.