ملازمت ڪندڙ کي هي 5 ڪم نه ڪرڻ گھرجن

ڪنهن به اداري ۾ ملازمت اوهان جي عملي زندگي جي شروعات آهي، ان کان پوءِ ملازمت جا معاملا، قائدا ۽ ضابطه بهتر انداز ۾ اڪلائڻ ضروري آهي ته جيئن اوهان پنهنجي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ڪري سگھو.

ان حوالي سان هڪ اداري ۾ ايڇ آر شعبي سان سلهاڙيل عورت ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي پيغام ۾ پنجن اهڙين ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي اوهان کي ملازم طور ڪڏهن به نه ڪرڻ گھرجن.

ڄاڻايل عورت ان شعبي سان گذريل 8 سالن کان وڌيڪ عرصي کان سلهاڙيل آهي ۽ تجربي جي بنياد تي وڊيوز ٺاهيندي آهي جنهن جي ذريعي هوءَ ماڻهن جي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

سندس چوڻ آهي ته ان مقصد لاءِ سڀ کان پهريان ڪنهن به ملازم کي پنهنجي ملازمت جا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ قائدن ۽ ضابطن کي بهتر طريقي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي.

رپورٽ موجب هڪ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ جنهن جو عنوان ”5 شيون ملازمن کي نه ڪرڻ گھرجن“ آهي، ان ۾ عورت اهي ڳالهيون پنهنجي تجربي جي بنياد تي بيان ڪيون ته جيئن ملازمن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو وڃي ته ملازمت دوران ڪهڙين شين کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

TikTok screenshots of @notyouravghrlady

عورت جي مشورن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ واهپيدار ڪمينٽس ۾ ردعمل ڏيندي سندس حمايت ۽ مخالفت ڪندي نظر اچي رهيا آهن، عورت جن پنجن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي اُهي هيٺ بيان ڪجن ٿيون.

نمبر پنج: نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ ڪڏهن به نوڪري نه ڇڏيو

نوٽيس ڏيڻ يا ٻڌائڻ کانسواءِ ڪڏهن به نوڪري نه ڇڏيو ڇو جو اهڙي صورتحال ۾ ٻيڙيون نه ساڙڻ گھرجن، هيءَ دنيا تمام محدود آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ائين نه ٿئي جو اوهان جي واپسي جا سڀ دڳ بند ٿي وڃن.

نمبر چار: پنهنجي پگھار کي نظرانداز نه ڪريو

مون کي خبر آهي ته اوهان سوچيندا آهيو ته ڪمپني اوهان کي صحيح ادائيگي ڪري رهي آهي يا نه، تنهنڪري هميشه پنهنجي پگھار ۽ پي اسٽب کي چيڪ ڪريو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان کي صحيح ادائيگي ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪجهه غلط لڳي ٿو ته ان بابت پڇيو.

نمبر ٽي: انٽرويو دوران پنهنجي ذاتي زندگي ۽ پراڻي نوڪري جي مسئلن جو ذڪر نه ڪريو.

نمبر ٻه: آفيس جي پاليسين کي نظر ۾ رکو

آفيس جون پاليسيون نظرانداز نه ڪريو ۽ هدايتن تي پوري طريقي سان عمل ڪريو، جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن ڳالهه جو اطلاع ڏيڻو هجي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اوهان کي رپورٽ بڻائيندي پاليسين جي خبر پئي.

نمبر هڪ: لاڳيتو شڪايتون نه ڪريو

آخر ۾ عورت مشورو ڏنو ته اُهو ڪم جيڪي ملازم کي نه ڪرڻ گھرجن اُهو لاڳيتون شڪايتون ڪرڻ آهي، ان سان ڪنهن کي ڪو به فائدو ناهي ٿيندو پر اهڙو وقت ايندو آهي جو ماڻهو اوهان جي شڪايتن کي سنجيدهه وٺڻ ڇڏي ڏيندا آهن.

ڄاڻايل عورت جي ان وڊيو واهپيدارن وچ ۾ بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، گھڻا ماڻهو ان ڳالهه مان متفق نه هئا ته نوڪري ڇڏڻ وقت نوٽيس ڏيڻ ضروري آهي اُهو ان ڪري جو ڪمپني ڪنهن به ملازم کي برطرف ڪرڻ وقت نوٽيس نه ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.