اٺ فيبروري تي تيرن جو مينهن وسندو، عوام سان گڏجي شينهن جو شڪار ڪنداسين: بلاول ڀٽو

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نون ليگ ۽ نواز شريف هاڻي عوام کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، رائيونڊ وارا سمجهن ٿا ته پاڻمرادو اليڪشن کٽي ويندا، هو گهر مان نڪرن نٿا ۽ اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.
ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملتان جي عوام جو شڪر گذار آهيان جن تاريخي آجيان ڪئي، ملتان جي ماڻهن جي وفاداري کي سلام پيش ڪيان ٿو، الڪيشن اٺ فيبروري تي آهي پر عوام اڄ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته اڄ مهانگائي، بيروزگاري، بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي، پاڪستان جي فوج ۽ پوليس جي قربانين سان جن دهشتگردن کي ختم ڪيو اڄ دهشتگرد ٻهير ڪر کڻي رهيا آهن، هڪ جماعت معاشري ۽ ادارن کي ورهائي ڇڏيو، اڄ ڀاءَ ڀاءَ سان وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کي دفن ڪري، پوري پاڪستان کي جوڙينداسين، گڏجي معاشي چئلينجز جو مقابلو ڪنداسين، گڏجي مهانگائي، غربت ۽ بيرزوگاري جو خاتمو ڪري هڪ ترقي يافتا ۽ خوشحال پاڪستان بڻائينداسين.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان عوام جي اهم مسئلن کي منشور جو حصو بڻايو آهي، هارين کي ڪارڊ ذريعي سڌي ريت سبسڊي ڏينداسين، عوام کي ٽي سئو يونٽ تائين بجلي مفت ملندي، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير ڏکڻ پنجاب مان هوندو.
هن نون ليگ ۽ نواز شريف کي هڪ ڀيرو وري تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نون ليگ ۽ نواز شريف هاڻي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، رائيونڊ وارا سمجهن ٿا ته پاڻمرادو اليڪشن کٽي ويندا، گهر مان نڪرن نٿا ۽ اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، نون ليگ سان گڏ نٿا هلي سگهون.
هن وڌيڪ چيو ته عوام اٺ فيبروري تي نڪري ۽ نواز شريف جو رستو روڪي، عوام سوچي سمجهي ووٽ ڪاسٽ ڪري ان کي ضائع نه ڪري، عوام ۽ پ پ گڏجي شينهن جو شڪار ڪندا، اٺ فيبروري تي تير جو مينهن وسندو، شينهن جو شڪار ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.