پاسپورٽ نظام ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ بحران مان نڪرڻ لاءِ حڪومت پاسپورٽ جي نظام ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو ڪري ورتو ۽ مستقبل ۾ پاسپورٽ جي ڳري بيڪ لائين جي خاتمي ۽ نظام ۾ شفافيت لاءِ نئين پاسپورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
پاڪستان اميگريشن، پاسپورٽ ۽ ويزا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز وفاقي حڪومت کي موڪلي وئي آهي.
نئين پاسپورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ ترميمي آرڊيننس جو مسودو به تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب اٿارٽي ڊجيٽل اميگريشن، اليڪٽرانڪ ويزا، ايمرجنسي ٽريول ڊاڪومينٽ، مشين ريڊ ايبل پاسپورٽس جاري ڪندي.
مسودي ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي پاڪستاني شهريت جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪندي، اٿارٽي کي پاسپورٽ، اِي ويزا، سڀني داخلي ۽ خارجي پوائنٽس تي اميگريشن جا اختيار هوندا، ان کان سواءِ نيشنل بارڊر مئنيجمينٽ، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ، پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ، ايف سي ايل سي سان لاڳاپيل مختلف سسٽمز بڻائڻ جا به اختيار هوندا.
اٿارٽي وٽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ، ري نيو ڪرڻ ۽ ويزا جاري ڪرڻ جا به اختيار هوندا، اٿارٽي ويزا ري نيو ۽ ان حوالن سان درخواستون به وصول ڪري سگھندي ۽ ان وٽ اميگريشن، پاسپورٽ ۽ ويزا ڊيٽا ويئر هائوس بڻائڻ جا اختيار هوندا، جڏهن ته اٿارٽي سٽيزن شپ ايڪٽ 1951ع، سٽيزن شپ رولز 1952ع تحت سٽيزن شپ سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگھندي.
ڄاڻايل آرڊيننس جي مسودي ۾ چيو ويو اهي ته اٿارٽي پاڪستان جي سمورين ايئرلائينز، زميني بارڊرز ۽ بندرگاهن تي رنا دير اميگريشن سروس جي فراهمي لاءِ اِي گيٽس جي سهولت فراهم ڪندي، انٽري ۽ ايگزٽ جو ڊيٽا بيس بڻايو ويندو جڏهن ته اٿارٽي ڪنهن قسم جي اهم ڄاڻ لاءِ وفاقي ايجنسين کي درخواست ڪري سگھندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.