غزا ۾ نسلي ڪشي بند ڪئي وڃي، انصاف واري عالمي عدالت جو فيصلو

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) انصاف جي عالمي عدالت قرار ڏنو آهي ته اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي بابت ڏکڻ آفريقا جي الزامن مان ڪجهه درست آهن.
انصاف جي عالمي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي حماس جي حملي جي جواب ۾ اسرائيلي حملن ۾ گھڻو جاني ۽ انفرااسٽڪچر نقصان ٿيو آهي، گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ادارن اسرائيلي حملن جي خلاف ٺهراءَ پيش ڪيا آهن.
انصاف جي عالمي عدالت غزا ۾ انساني نقصان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي شهرين جون حياتيون ضايع ٿيون ۽ عدالت غزا ۾ انساني علميي جي حد کان آگاهه آهي.
انصاف جي عالمي عدالت قرار ڏنو ته ڏکڻ آفريقا جي لڳايل الزامن مان ڪجهه درست آهن ۽ اسرائيل جي خلاف نسل ڪشي ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ عدالت جي اختيار جي دائري ۾ آهي.
عدالت غزا نسل ڪشي ڪيس معطل ڪرڻ جي اسرائيلي درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته اسرائيل خلاب نسل ڪشي ڪيس خارج نه ڪنداسين، اسرائيل جي خلاف نسل ڪشي ڪيس جي گھڻا ثبوت موجود آهن، اسرائيل جي خلاف ڪجهه الزام نسل ڪشي ڪنوينشن جي قلمن ۾ اچن ٿا.
انصاف جي عالمي عدالت چيو ته غزا تباهي جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي، گڏيل قومن موجب غزا رهڻ جوڳو نه رهيو آهي، 7 آڪٽوبر آڪٽوبر کان پوءِ غزا ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي، هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ 63 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، اسرائيل جي فوجي حملن سبب غزا ۾ ماڻهو مارجي ويا، تباهي ۽ لڏ پلاڻ ٿي آهي.
واضح رهي ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي جو الزام اسرائيل تي لڳائيندي ڪيس داخل ڪيو هو. 11 ۽ 12 جنوري تي ٿيل ٻڌني ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ اسرائيل دليل پيش ڪيا هئا.
ڏکڻ آفريقا ٻڌڻي دوران اسرائيل جي خلاف قدمن جي استدعا ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.